ٺٽي جا ڪاتب- ڪتاب

ٺٽي جا ڪاتب- ڪتاب

ٺٽي جا ڪاتب

ٺٽي جا ڪاتب (ڪتاب ):هي ڪتاب ٺٽي شهر جي مشهور ڪاتبن جي شاندار ۽ قديم ڪتابت جي فن جي باري ۾ تحقيقي ڄاڻ تي ٻڌل آهي. جيڪو اصل انگريزيءَ ۾، آثار قديمه جي ماهر ڊاڪٽر عبدالغفور لکيو هو، جنهن ۾ هن دنيا کي، سنڌ جي ڪاتبن جي فني ۽ تخليقي ورثي بابت معلومات ڏيڻ چاهي. هن اهم تاريخي ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو نامياري اديب ۽ مترجم عطا محمد ڀنڀري ڪيو آهي. ڪتاب ۾ موضوع سان لاڳاپيل پنج باب شامل آهن. ڊبل ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب کي سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 2004ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. 132 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 120 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو